شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ تعلقي جو سب رجسٽرار ذوالفقار ڪارڙو ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس هٿان گرفتار، ذريعن موجب گرفتار ٿيل سب رجسٽرار ذوالفقار ڪارڙو سال 2021ع ۽ 2022ع ۾ ڪراچي ۾ مقرري دوران روينيو رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪئي هئي، هيرا ڦيري جي ڪيس ۾ ذوالفقار ڪارڙو کي اينٽي ڪرپشن پوليس ڪراچي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سب رجسٽرار ذوالفقار ڪارڙو جو موبائل فون پڻ بند هيو.