شھدادڪوٽ (ڊ ر) شھدادڪوٽ ۾ 22 ڏينهن اڳ قتل ڪيل ريٽائرڊ پوليس جمعدار مختيار ڀٽي جي جوابدارگرفتار نه ٿيڻ خلاف ۽ ڪيس مان مک جوابدار جو نالو ڪڍڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي ھوش محمد ڀٽي، صابر علي ڀٽي، ارشاد علي ڀٽي، سردار علي ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 22 ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مستوئي محلي ۾ اسان جي ريٽائرڊ پوليس جمعدار مختيار علي ڀٽي کي 8 جوابدارن بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو،  قتل ڪيس 8 جوابدارن مٿان داخل آهي، پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،  مک جوابدار کان 20 لک رپيا رشوت وٺي ڪيس مان نالو ڪڍيو ويو آهي، مامري جي جاچ ڪرائي وڃي. ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي.