شھدادڪوٽ(رپورٽر ) شهدادڪوٽ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر گل کهاوڙ، استاد سائينداد وڌو، استاد غلام سرور کوسو ۽ هاءِ اسڪول بچايو جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن مير غيبي خان مغيري، حبدار علي ميرجت، معتبر چانڊيو  ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گورنمينٽ پراونشل بوائز ھاءِ اسڪول جي اڳيان موجود 4 جريب پلاٽ تي قبضي مافيا وري نظرون وجهڻ شروع ڪيون آهن، ڄاڻايل پلاٽ بابت مقامي عدالت ڏيڍ مهينو اڳ اسڪول جي حق ۾ فيصلو ڏنو ھو. اسڪول انتظاميا جيئن ئي پلاٽ تي چوديواري جو ڪم  شروع ڪيو ته قبضي مافيا ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.