شهدادڪوٽ(رپورٽر) سرڪاري اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ، گوسڙو ڊاڪٽرن ۽ سياسي ڪارڪنن جي خلاف انتقامي ڪارروائين طور گرفتارين خلاف شهرين طرفان ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، رميز تنيو، ذوالفقار سيلرو، معتبر چانڊيو، نصير سيلرو، فيض بروهي، سڪندر سومرو، محمد علي مڱريو، شعبان جمالي، مظھر کوسو ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مريض دربدر ٿي رهيا آهن، ڊاڪٽر ڊيوٽين تي نه ٿا اچن، احتجاج ڪرڻ تي سياسي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آھن.