شھدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف اسپتال بچايو تحريڪ طرفان 91 هين ڏينهن به  ڪامريڊ حيات تنيو، ذوالفقار مگسي، فيض بروھي، معتبر چانڊيو، سڪندر سومرو، شبير مگسي، امداد سومرو،فاوق چاوڙو، سجاد بوجاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سراپا احتجاج آهيون پر ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، اسپتال ۾ سهولتون ناهن، ڊاڪٽر ڊيوٽيون ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن، مريض علاج جي لاءِ دربدر پيا ٿين، نوٽيس ورتو وڃي.