شهدادڪوٽ(رپورٽر) سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائن جي کوٽ، گوسڙو ڊاڪٽرن، ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف 34 هين ڏينهن به ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن ڪامريڊ حيات تنيو،ذوالفقار مگسي، فاروق چاوڙو، فيض بروهي، سڪندر سومرو، سجاد بوجاڻي ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ سهولتون ناهن، ڪرپشن ڪري اسپتال کي تباهه ڪيو ويو آهي، جاچ ڪرائي وڃي.