شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ سول اسپتال بچايو جدوجهد ڪاميٽي پاران 65ھين ڏينھن به ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، رميز تنيو، ذوالفقار مگسي، ذوالفقار سيلرو، فيض بروهي، سڪندر سومرو، شعبان جمالي ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾سھولتون اڻلڀ آهن، ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي، دوائن جي پڻ کوٽ آھي، ڪرپشن ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي اسپتال ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.