شھدادڪوٽ (رپورٽر)شھدادڪوٽ ۾ 104 ڏينهن ھين به سياسي سماجي ماڻهن حبدار مير جت، ڪامريڊ حيات تونيو ڪامريڊ نصير سيلرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال جي ايم ايس جي مبينا ڪرپشن ۽ ويزہ تي ويل ڊاڪٽرن خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي مسلسل احتجاج جاري آهي، ان موقعي تي مظاهرين الزام هڻندي چيو ته ايم ايس اسرار لاشاري جي اچڻ سان اسپتال تباھي جي ڪناري تي پھچي وئي آھي ڪنھن به مريض کي پيناڊول جي گوري به نه ٿي ڏني وڃي ۽ جنريٽر جي مليل ڊيزل پنھنجي گاڏي ۾ استعمال ڪري ٿو ۽ ھر مھيني 70 لک رپيا مريضن جي ماني لاءِ اچن ٿا، جيڪو ايم ايس ھڙپ ڪري ٿو وڃي ۽ ڪروڙين رپين جون دوائون اچن ٿيون جيڪي ايم ايس پرائيوٽ اسٽورن تي وڪرو ڪري ٿو هنن چتاءُ ڏنو ته جيسيتائين ايم ايس کي نه ھٽايو ويندو، تيسيتائين احتجاج جاري رهندو.