شهدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شهدادڪوٽ جي اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب مريض سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا، 2  لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شھدادڪوٽ جي اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت ناهي، جڏهن ته ايڪسري مشين پڻ ناڪارا بڻيل  آهي ۽ ليبارٽري ۾ به ڪي سهولتون ناهن، مريضن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود اسپتال ۾ ڪي به سهولتون ناهن، نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.