شهدادپور ۾ پٽڙي ڪراس ڪندي مال گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت فوت

0
25
شهدادپور ۾ پٽڙي ڪراس ڪندي مال گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت فوت
شهدادپور ۾ پٽڙي ڪراس ڪندي مال گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت فوت

شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ ريلوي پٽڙي پار ڪرڻ دوران ٽرين جي ٽڪر ۾ عورت فوت، گهر  ۾ ڪهرام، خبر موجب ريلوي اسٽيشن تي پٽڙي ڪراس ڪرڻ دوران مال بردار ٽرين جي ٽڪر ۾ عورت حياتي وڃائي ويٺي، اطلاع تي ريلوي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مڙهه تحويل ۾ وٺي ريلوي چوڪي تي منتقل ڪيو، عورت جي سڃاڻپ هَرداس پور پاڙي جي رهواسڻ مسمات ساجدهه زال آصف آرائين طور ٿي، جنهن بعد وارثن پهچي لاش وصول ڪيو، ريلوي پوليس موجب عورت پٽڙي ڪراس ڪري رهي هئي ته اوچتو مال ٽرين کيس ٽڪر هنيو، جنهن ۾ هوءَ فوت ٿي وئي.