شهدادپور(ن پ ا) اڻڄاتل چور اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس جي مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاءِ ويل پورهيت واحد بخش جاگيراڻي جي پٽاٽن ۽ بصرن سان ڀريل ريڙهو چوري ڪري ويا. پورهيت پاران ٿاڻي تي چوري بابت رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ريڙهي جي ڳولا ۾ ڪابه مدد نه ڪئي. متاثر پورهيت واحد بخش جاگيراڻي دانهن کڻي ٽائيم نيوز آفيس پهچي پنهنجي درد ڪٿا ٻڌائيندي روئڻهارڪو ٿي ويو. پورهيت موجب گذريل ڏينهن عصر نماز پڙھڻ لاءِ مسجد ويس ته پٺيان نامعلوم چور ريڙهو چورائي ويا. زندگي جي گذر سفر جو واحد ذريعو ريڙهو ئي آهي، جيڪا چوري ٿي وئي هاڻ بيروزگار ٿي ويو آهيان. واحد بخش موجب تَغاري جي مزدوري ڪري پئسا گڏ ڪرڻ بعد 15 هزار ۾ ريڙهو خريد ڪئي، 10 هزار جا آلو ۽ بصر به اڌار تي خريد ڪيا. هن ٻڌايو ته اي سي آفيس ۾ قائم قاسم مسجد ٻاهران بيٺل ريڙهي چوري ٿيڻ بعد بيروزگاري جي صورت ۾ ٻچن جو پيٽ پالنا لاءِ ٻيهر تغاري ڍوئڻ جي مزدوري ڪندس. متاثر پورهيت موجب ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪا به مدد ناهي ڪئي ۽ ٺلها آسرا ڏئي ٿاڻي تان موٽايو ڇڏي. پورهيت موجب ريڙهو چوري ٿيڻ بعد بيروزگاري سبب گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي ۽ ٻچا لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن. متاثر پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل ريڙهو واپس ڪرائي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي.