شهدادپور/اڏيرو لال اسٽيشن (نمائندن وٽان) شهدادپور ۾ ويل جام ٿيڻ سبب ٽرين حادثي کان بچي وئي، گرمي سبب مسافر بيحال، 2 ڪلاڪن بعد بوگي ڌار ڪري منزل طرف رواني، خبر موجب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ٽرين ڪراچي ايڪسپريس جي ھڪ بوگي جو ويل جام ٿي ويو، ويل جام ٿيڻ سبب ٽرين ڊرائيور حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي ٽرين کي بريڪ هڻي روڪي ٽرين کي وڏي حادثي کان بچائي ورتو، بوگي نمبر 8 جو ويل جام ٿيڻ سبب ٽرين کي لُنڊو ريلوي اسٽيشن تي بيهاريو ويو، ٽرين بيهڻ سبب ڊائون ٽريڪ تان ٽرينن کي مين لائن بدران لوپ ٽريڪ تان گذاريو ويو. جڏهن ته ٽرين بيهڻ سبب سوار مسافر سخت گرمي سبب بيحال ٿي ويا ۽ معصوم ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، ريلوي انتظاميا ٻن ڪلاڪن جي مرمتي سرگرمين کان پوءِ ويل جام ٿيل بوگي کي ڌار ڪري ٽرين کي منزل طرف روانو ڪري ڇڏيو. اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو مال بردار گاڏا ٽرين کان ڌار ٿي ويا، ٽريڪ بند ڪيو ويو. تفصيل موجب حيدرآباد کان روهڙي ويندڙ مال بردار گاڏي اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي جنهن سبب اپ ٽريڪ مڪمل بند ٿي ويو، جڏهن ته ٽرين جي رفتار گهٽ هجڻ ڪري ڪوبه نقصان نه ٿيو، ٻين گاڏين لاءِ اپ ٽريڪ ۽ ڦاٽڪ بند پيل آهي جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ريلوي انتظاميا جو چوڻ هو ته مال گاڏي حيدرآباد کان روهڙي طرف وڃي رهي هئي لوپ لائن تي اچڻ جي ڪري حادثو پيش آيو آهي جڏهن ته هن مهل تائين ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو آھي.