شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ ڳوٺاڻي ڀاءُ سان منهن ماري بعد پاڻ کي ٽرين آڏو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ عيسيٰ مڪراڻي وٽ ڳوٺ جعفر لغاري واسي 40 ورهين جي عبداللطيف بروهي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرين هيٺان پاڻ ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ريلوي پوليس پهچي مڙهه تحويل ۾ وٺي سِمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي ڀاءُ حڪيم بروهي موجب فوتي ڀاءُ جي وڏي ڀاءُ سان منهن ماري ٿي، جنهن تان ڪاوڙجي هن ٽرين آڏو ڏئي آپگهات ڪيو، همراهه جو لاش گهر آندو ويو ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.