شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ 6 سال اڳ سڱاوتي تڪرار تان ميونسپل گروائونڊ وٽ گوليون هڻي قتل ڪيل ڳوٺ عزت ڪورائي واسي راڻو لجواڻي ڪيس بابت ايڊيشنل سيش جج محمد عابد راجپوت جي عدالت ٻڌڻي ڪئي، جتي سرڪاري وڪيل علي نواز بروهي ڏوھ ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جنهن تي عدالت سڳوري ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن بشير حاجاڻو ۽ رشيد حاجاڻو کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ٻنهي جوابدارن کي حيدرآباد جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. واضح هجي ته سال 2019 ۾ ڳوٺ عِزت ڪورائي واسي نوجوان راڻو لَجواڻي ناري صاحبزادي حاجاڻو سان پرڻو ڪيو هو جنهن بعد کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو سندس مامي مٺو جي فرياد تي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي هئي.