شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ هٿياربند ڦورن پاران شھري کان ڦر، مزاحمت تي وحشياڻو تشدد، ان ڏس ۾ حُر مجاهد ڪالوني ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿيار ڦورو شھري کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورو شھري شھريار سومرو کي سخت مارڪٽ بعد موبائل فون ۽ سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.