شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران هالا چوڪ کان پريس ڪلب تائين درياهه بچايو ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تي ڪئنال اڏي سنڌ کي مڪمل سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، صدر آصف زرداري پنهنجي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي وڪرو ڪري سنڌ کي تباھ برباد ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته مزاحمت لاءِ اسان جون مائرون، مرد، ٻار، پوڙها ميدان ۾ نڪتل آهن، سنڌ جي عوام جي ريڊ لائن سنڌو دريا آهي، سنڌو ۾ پاڻي هوندو ته ڪراچي ۽ ٻين علائقن کي به پاڻي ملندو، هن چيو ته ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙن کي به ڪئنالن بابت آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اياز پليجو چيو ته سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو پاڻي آهي، ڪينال ٺھيا ته سنڌ جا ماڻھو لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا، بازارون ويران ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويندو، ان لاءِ سڀني سنڌ واسين کي نڪرڻو پوندو، هن مطالبو ڪيو ته وفاق پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪري ۽ سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري هوڏ تان لهي.