شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور شهر جي اسلام آباد پاڙي جي رهواسي فيصل سُرهيو آڪڙا پرچي جوا جي آزار خلاف پنهنجي وڪيل شيراز لاکو معرفت سول جج جي عدالت ۾ عوامي ڀلائي واري سيڪشن 190 جي درخواست ڪرائيندي ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايچ او شهدادپور کي ڌر بڻايو، شهري موقف اختيار ڪيو ته شهر جي اسٽيشن روڊ، هالا چوڪ، مدرسه روڊ، ابڙا پاڙو، مَلدسي چوڪ، سومر فقير پاڙو، سوسائٽي پاڙو، هِنڱورا روڊ سميت مختلف هنڌن تي سئو کان وڌيڪ سر عام آڪڙا پرچي جُوا جا دڪان کليل آهن، جتي معصوم ٻار، اسڪولي شاگرد ۽ نوجوان جوا جي اڏن جو رخ ڪري پنهنجي خرچي مان آڪڙا پرچي ڪٽرائي جوا کيڏن ٿا، شهري عدالت کي استدعا ڪئي ته عوام آزار بڻيل آڪڙا جوا کي روڪرايو وڃي، عدالت درخواست منظور ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايچ او شهدادپور کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.