شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ جوا آڪڙا پرچي جو آزار، معصوم نياڻي جو چونڊيل نمائندن کي خط، عدالت نوٽيس ورتو، جوا هلائيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ايس ايس پي سانگهڙ کي نوٽيس جاري، رپورٽ طلب، خبر موجب شهر جي جٽيا پاڙي جي ڇهين درجي جي شاگردياڻي عليشا پاران آڪڙا پرچي جوا جي آزار بابت تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي لکيل درد ڪٿا جو ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ سيشن نوٽيس ورتو، ايڊووڪيٽ شيراز لاکو پاران معصوم نياڻي جي لکيل خط جي روشني ۾ جوا آڪڙا پرچي هلائيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي بعد ايڊيشنل اينڊ سيشن جج محمد عابد راجپوت جي عدالت سماجي برايون ڦهلائيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري 15 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کي حڪم ڪيو ته مخصوص ٽيمون جوڙي سماج دشمن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالتي حڪم موجب معصوم نياڻي جي جوا آڪڙا بابت لکيل درد ڪٿا ۽ التجا ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته جوا آڪڙا ۽ منشيات معاشري لاءِ ناسور آهن، جنهن کي بند نه ڪيو ويو ته معاشري لاءِ وڏي نقصانڪار ثابت ٿيندي ان لاءَ سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف سختي سان قدم کڻي معاشري کي اهڙڻ ڪُڌن ڪمن کان پاڪ ڪيو وڃي، واضح هجي ته شاگردياڻي عليشا خط ۾ پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ۽ ايم پي اي شاهد ٿهيم کي مخاطب ٿيندي لکيو هو ته سندس والد مزدوري جا پئسا جوا آڪڙا پرچي ۾ وڃائي خالي هٿين گهر اچي ٿو، جنهن سبب گهر ۾ هڪ روپيو به نه هجڻ سبب فاقا ڪشي واري صورتحال آهي، ان لاءِ جُوا آڪڙا بند ڪرائي وڃي.