شھدادپور (ن پ ا) سرهاڙي ريلوي ڦاٽڪ تي ڪُتي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيل شاهپورچاڪر واسي ريلوي ملازم شهباز چانگ دم ڏئي ڇڏيو، اهڙي واقعي جو شهدادپور جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهدادپور محمد عابد راجپوت نوٽيس وٺندي ڊي ايچ او سانگهڙ کي طلب ڪري ورتو. عدالتي حڪم تي ڊي ايچ او ڊاڪٽر دولت علي جمالي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي معزز جج صحت کاتي جي ضلعي عملدار کي تمام اسپتالن ۾ ائنٽي ريبيز ۽ ائنٽي سنيڪ وئڪسين جي فراهمي يقيني بڻائڻ حڪم ڏيندي چيو ته هيءُ انساني زندگين جو معاملو آهي ۽ اسپتالن ۾ وئڪسين لازمي موجود هجڻ گهرجي. ٻئي طرف عدالتي حڪمن تي فوري طور عملدرآمد لاءِ ڊي ايچ او ضلعي سانگهڙ جي تمام اسپتالن، رورل هيلٿ سينٽر ۽ پي پي ايچ آءِ سينٽرز جنهن ۾ ٽنڊو آدم، سنجهورو، کپرو، شاهپورچاڪر،سرهاري، ڄام نواز علي، جهول، ڪنڊياري سميت مڙني اسپتال انتظاميه کي ليٽر جاري ڪندي هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪ وئڪسين هر حال ۾ موجود هجڻ گهرجي. ياد هجي ته ڪتي ڏاڙهجڻ سبب شاهپورچاڪر جي ڳوٺ مجنون خان چانگ واسي شهباز چانگ زخمي ٿيڻ بعد دم ڏنو.