شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ پيرسن واٽھڙو فوت، ڪار ڊرائيور گرفتار، خبر موجب ٻَرهوڻ روڊ تي ڳوٺ بچل باگراڻي وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 50 ورهين جو پيرسن مرڻينگ ٿي پيو، ڪار سوار زخمي کي سِمس اسپتال کڻائي آيا، جتي هن دم ڏنو، فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ عبدالحڪيم ڀنڀرو واسي گهنور بهڻ طور ٿي، ضروري ڪارروائي بعد پيرسن جو مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف پوليس ڪارروائي ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.