شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ پير ترڪڻ سبب عورت شاخ ۾ ٻڏي وئي، مڙهه جي ڳولا جاري، خبر موجب ڳوٺ اسماعيل آرائين واسڻ 30 ورهين مسمات زر بيبي جتوئي ٿانو ڌوئڻ دوران پير ترڪڻ سبب ڄام برانچ ۾ ڪري ٻڏي وئي، مقامي ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت مڙھ جي ڳولا ڪئي وئي پر هٿ اچي نه سگهيو، عورت جي ڀاءُ گلشير موجب ڀيڻ ٿانو ڌوئي رهي هئي ته اوچتو پير ترڪڻ سبب اونهي پاڻي ۾ ٻڏي وئي، وارثن موجب آبپاشي اختيارين طرفان کاٽي جي نالي تي اونها کڏا هڻڻ سبب مڙھ ڳولڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ٽوٻن وسيلي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.