شهدادپور(رپورٽ: عبدالحميد کوسو) شهدادپور ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، پيرسن مبينا واٽر ڪورس ۾ غوطا ڏئي قتل، وارثن جو احتجاج، خبر موجب واپڊا روڊ تي ڳوٺ عيسيٰ بروهي ۾ رهندڙ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ جوابدارن 60 ورهين جي شير محمد بروهي کي واٽر ڪورس ۾ غوطا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مڙھھ تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، مقتول جي پٽ منظور الزام هنيو ته جوابدارن فوجي محمد بخش، ثناءُالله، عنايت الله، افضل ۽ ڪامران والد کي واٽر ڪورس ۾ غوطا ڏئي قتل ڪيو، هن چيو ته جوابدار زرعي زمين تي قبضي لا مسلسل ڌمڪيون ڏيندا هئا، پاڻي وارائڻ لاءِ ويل والد کي غوطا ڏئي قتل ڪري ظلم ڪيو، ايس ايچ او اسلم بُلو موجب سرزمين جو جائزو ورتو آهي، واقعي جي جاچ بعد قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن واقعي بعد بروهي برادري جو وڏو انگ اسپتال پهتو، جتي احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، ٻئي طرف مڙھ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، پيرسن شير محمد بروهي قتل واقعي تي بروهي اتحاد اڳواڻن خدا داد بروهي ۽ نظير بروهي چيو ته جاني نقصان تي افسوس ٿيو، جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ زرعي زمين جو تڪرار هلندڙ هو.