شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ تيل ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف سوين ڳوٺاڻن جو ڌرڻو، احتجاجن مُک گيٽ بند، ڌارين کي نيڪالي ڏئي مقامين کي ڀرتي ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب پي پي ايل جي پي ايف (ٿِري) يعقوب رِڏ تيل ۽ گيس ڪمپني انتظاميا پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري مک گيٽ آڌو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي يعقوب رڏ، خادم رڏ، موليٰ بخش پنهور، بابو ڏاهري، عاشق خاصخيلي، باسط جکرو ۽ علي شير لغاري چيو ته پي پي ايل انتظاميا جون ڳوٺاڻن سان زيادتيون وڌي ويون آهن، رزوگار سان لڳل مقامي ماڻهن کي نيڪالي ڏئي ٻاهرين صوبن مان ڌارين جي لوڌ گهرائي ڀرتي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته تيل ڪمپني بورچي، مالهي ۽ پٽيوالا به ٻاهرين صوبن مان گهرائي رکي مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، هنن چيو ته علائقي ۾ رِڏ، ڏاهري، جکرا، لغاري، خاصخيلي، پنهور، راهو، بروهي، زرداري، شر سميت 20 برادرين جا ڳوٺ موجود آهن پر ڪنهن به ڳوٺ ۾ روڊ رستا، اسپتال، اسڪول، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، گيس ۽ بجلي سميت بنيادي سهولتون فراهم ناهن ڪيون ويون، ڳوٺاڻن دانهيو ته پي پي ايل انتظاميا طرفان تيل جي ڳولا دوران بم ڌماڪن سبب جر خراب ٿي ويو، زرعي زمينون سيلاب جي وَر چڙهي ويون آهن، جن ۾ پيداوار جي سگھه ناهي، جَر کارو ٿيڻ ڪري پيئڻ لاءِ پاڻي نه هجڻ ڪري مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور تي ڌارين کي نيڪالي ڏئي مقامي ڳوٺاڻن کي روزگار ڏئي 5 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.