شهدادپور/مقصودو رند (نمائندن وٽان) شهدادپور ڀرسان پوليس جي گهر تي چڙهائي، مبينا فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڦورن جو پيڇو ڪرڻ دوران گهر ۾ داخل ٿياسين ته نوجوان پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، خبر موجب ڳوٺ غلام محمد باگراڻي ۾ پوليس چڙهائي دوران اهلڪارن جي مبينا فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب 22 ورهين جو لطيف باگراڻي مارجي ويو، واقعي بعد وارثن لاش رکي اسپتال چوڪ تي 7 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ حنيف باگراڻي الزام هنيو ته مقصود رند پوليس چڙھائي ڪري گهر ۾ داخل ٿي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري گھر مان ڦرلٽ ڪئي، هن موجب پوليس ڀاءُ کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي، هن مطالبو ڪيو ته واقعي جو پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف ايس ايچ او جابر لاھوري دعويٰ ڪئي ته علائقي واسين پاران موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ واري اطلاع تي پيڇو ڪيو ته ڦورو ڳوٺ غلام محمد باگراڻي ۾ ھڪ گھر ۾ داخل ٿيا، جتي لطيف باگراڻي پنھنجو پاڻ کي گولي ھڻي زندگي جو انت آندو، هن چيو ته پوليس ڪا به فائرنگ ناهي ڪئي، الزام اجايو آهي، هوڏانهن ڊاڪٽرز موجب نوجوان کي سيني ۾ گولي لڳل آھي، رت گهڻو وهڻ سبب موت واقع ٿيو، بعد ۾ 7 ڪلاڪن کانپوءِ ڊي ايس پي پهچي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.