شھدادپور (ن پ ا) لنڊو ٿاڻي اندر پوليس اهلڪار پاران حراست ۾ ورتل 13 ورهين جي نينگر فضل احمد سان مبينا بدفعلي ڪرڻ واري معاملي جون خبرون ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي شھدادپور سيد تنوير شاهه کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي، انڪوائري آفيسر لُنڊو ٿاڻي پهچي متاثر نينگر جو بيان قلمبند ڪيو ۽ سڃاڻپ پريڊ ڪرائي، ان موقعي تي متاثر نينگر الزام هيٺ آيل اهلڪار علي دوست زرداري جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ٿاڻي اندر زيادتي واري جاءِ جي نشاندهي ڪئي. ان حوالي سان جاچ آفيسر چيو ته جاچ مڪمل ڪري رپورٽ ايس ايس پي کي موڪلي ويندي، وڌيڪ اختياريون ۽ عدالت ڪاروائي ڪندي.