شھدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ مبينا نشي ۾ ڌت ڊي ايس پي ٽرئفڪ پاران ساهرن تي تشدد، الرون، وڊيو وائرل، علائقي واسين جو ٿاڻي آڏو احتجاج، خبر موجب شهر جي سُرھيا پاڙي ۾ ڊي ايس پي رينڪ جي پوليس آفيسر يونس صبحپوٽو مبينا طور نشي جي حالت ۾ پنهنجي ساهرن تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، پوليس آفيسر پنهنجي سالي مقصود ۽ ان جي پُٽ فهد تي حملو ڪري گارگند ڪرڻ بعد تشدد ڪيو، واقعي بعد صبحپوٽا برادري جي ماڻھن مقصود، رياض، فهد ۽ توقير جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مقصود ٻڌايو ته رات دير سان ڀيڻوي يونس صبحپوٽو نشي جي حالت ۾ اچي گارگند ڪئي ۽ گهران پسٽل کڻي اچي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن سبب ڀڄي جان بچائي ٿاڻي تي پناھ ورتي، هن چيو رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪارروائي بدران پنهنجي پَٽي ڀائي کي بچائڻ ۾ لڳل آهي، هن چيو ته ڊي ايس پي نشي جو عادي آهي، جنهن پنهنجي زال ۽ ٻارن کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي، علائقي واسين جو چوڻ هو ته يونس صبحپوٽو روزانو نشي جي حالت ۾ دروازن تي پٿراءُ ڪري هراسان ڪري ٿو، جنهن سبب سخت پريشان آهيون.