شهدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ جوڊيشل لاڪپ مان فرار ٿيل جوابدار جو 3 اهلڪارن خلاف غفلت جو ڪيس داخل، گرفتار اهلڪار عدالت ۾ پيش، 50 ، 50 هزار عيوض ضمانت منظور، مفرور جوابدار هٿ نگ آيو، خبر موجب ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي جوڊيشل لاڪپ مان ڦر ڪيس جي جوابدار جي فرار ٿيڻ واري واقعي جو پوليس لائن جي انچارج سرور خاصيلي جي فرياد تي قيدي پارٽي جي 3 اهلڪارن اي ايس آءِ وزير مري، اي ايس آءِ علي گل خاصخيلي ۽ سپاهي علي شير خلاف ڪيس داخل ڪيو، فريادي موجب ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ مان شهدادپور سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيشي تي آندل جوابدار اختر پوليس جي غفلت ۽ لاپرواهي جي نتيجي ۾ ڀڃي ويو. پوليس اهلڪار اهڙي ڏوھه جا ڏوهاري آهن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس لائين جي 3 اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد رمانڊ لاءِ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، جتي اهلڪارن جي وڪيل ايڊوڪيٽ شبير عُمراڻي طرفان داخل ضمانت واري درخواست تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ آصف سيال جي عدالت ٻڌڻي ڪئي، وڪيل عدالت کي آگاھ ڪيو ته اهلڪارن ڪابه غفلت ناهي ڪئي،پوليس ڄاڻي واڻي کين ڪيس ۾ ڦاسايو آهي، ڪيس ۾ غفلت جو قلم نه ٿو ٺهي، ان لاءِ اهلڪارن کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي، دليلن بعد عدالت سڳوري ڄاڻايل اهلڪارن جي 50 ، 50 هزار جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم بعد پوليس اهلڪارن کي لڳل هٿڪڙيون کولي آزاد ڪيو ويو. واضح هجي ته مهراڻ ٽائون واسي ٻڪرار خان محمد خاصخيلي کان 22 ٻَڪريون ڦر ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڳوٺ تڳيو رند واسي جوابدار اختر فرار ٿي ويو هو. ٻئي طرف فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءَ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.