شهدادپور(رپورٽ: عبدالحميد کوسو) شهدادپور سب ڊويزن ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب آبادگار سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، ڪيترن ئي شاخن جي بندش ۽ پاڻي جي فراهمي معطل ٿيڻ ڪري خريف جي پوکي متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي، خبر موجب سکر بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ تيزي سان لاٿ اچڻ کان پوءِ روهڙي ڪئنال ۾ 14 هزار ڪيوسڪ بدران رڳو 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، نتيجي ۾ ملدسي، سرهاري ۽ ٻين شاخن کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علي بحر واھ، لنڊو، اوڄاڻو، ٻَرنڊي شاخ به بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان کان علاوهه ڄام برانچ ۽ ٽنڊوآدم برانچ کي 10 مارچ کان 25 مارچ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آبپاشي اختيارين موجب پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي روٽيشن پاليسي تحت سڀني شاخن کي مرحليوار بند ڪيو ويندو، ٻئي طرف پاڻي جي بندش سبب ڪيلو، ڪمند، انبن جا باغ، ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل سخت متاثر ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامڻ ڪري آبادگارن ۾ بيچيني پکڙيل آهي، مقامي آبادگارن جو چوڻ آهي ته کيڙي جو وقت آهي، ووئنڻ ۽ ڪمند ڪاھڻ لاءِ پاڻي جي اشد ضرورت آهي، پر شاخون بند هجڻ سبب پاڻي نه پيو ملي، جنهن سبب پيداوار تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو، نتيجي طور معاشي طور نقصان برداشت ڪرڻو پوندو، آبادگارن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جيئن خريف جي پوکي ڪري سگهجي.