شهدادپور (اسپورٽس نيوز) شھدادپور ۾ ايس پي ايل ميچ ۾ هاڪس هٿان ڊريگنز کي 25 رنز تان شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، نواز ڀاڻوجو مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ شھدادپور پريميئر ليگ ميچ ۾ هاڪس پهرين بئٽنگ ڪندي نواز ڀاڻوجو 88 ۽ اسرار بروهي 37 رنسن جي مدد سان 168 رنس ٺاهيون، جواب ڊريگنز 143 رنز ٺاهي سگهي، هاڳس جي رانديگر ڪاشف امين 4 وڪٽون ورتيون. هاڪس 25 رنز تان ميچ کٽي ورتو. نواز ڀاڻوجو ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو. اڄ ٽائيگر ۽ لائن ۾ مقابلو ٿيندو.