شهدادپور(رپورٽ: حميد کوسو) شهدادپور جي عدالت پاران قديمي ڪي جي اسڪول ڊاهي مارڪيٽ اڏڻ وارو هلندڙ ڪم 6 مهينن لاءِ بند ڪرڻ جو حڪم، اسٽي آرڊر جاري، خبر موجب ميونسپل اختيارين طرفان قديمي ڪي جي اسڪول کي ڊاهي شاپنگ مال ٺاهڻ واري عمل خلاف اڳوڻي ناظم حسين بخش خاصخيلي طرفان داخل درخواست تي سينئر سول جج اعجاز چانڊيو جي عدالت ٻڌڻي ڪئي، جتي درخواستگذار جي وڪيل آغا افتخار حسين ترين دليل ڏنا ته ميونسپل اختياريون قديمي ڪي جي اسڪول ڊاهي پَٽ ڪري هاڻي شاپنگ مال ۽ پلازا ٺهرائي رهيون آھن، جڏهن ته اهو فلاحي پلاٽ آهي، جيڪا لطيف پارڪ سان گڏ آهي ۽ فلاحي پلاٽ ٻئي ڪنهن به مقصد لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي پر ميونسپل اختيارين فلاحي پلاٽ تي مارڪيٽ ۽ پلازا ٺاهي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اسڪولي عمارت ڊاهڻ بعد شاگرن کي ملدسي چوڪ تي گندي پاڻي جي ڊسپوزل وٽ تڪراري جڳهه تي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي، ميونسپل انتظاميا روينيو عملي سان ملي ڀڳت ڪري عدالت ۾ جيڪي دستاويز پيش ڪيا انهن ۾ ڪٿي به ظاهر ناهي ته هيءُ ڪم قانوني آهي، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته غير قانوني قرار ڏئي فوري طور هلندڙ ڪم روڪرايو وڃي، دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ميونسپل ڪاميٽي جا دستاويز رد ڪندي ڪي جي اسڪول واري جاءِ تي هلندڙ ڪم بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته 6 مهينن تائين ڪم بند رکيو وڃي جڏهن ته عدالت ڪيس ۾ ڌر بڻيل چيئرمين ميونسل ڪاميٽي، سي ايم او، ڪائونسل ملازم لياقت ڪلهوڙو، ميونسپل انجنيئر، ايڊيشنل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.