سن (رپوٽ: شاھنواز شاھاڻي ) سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 30 هن ورسي جي سلسلي ۾ جسقم بشير خان قريشي جي طرفان اڳواڻن ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي سرفراز ميمڻ امداد منگي جي اڳواڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي پهچي گلن جون چادر چاڙهي سيد کي ڀرپور نموني سان لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي جنهن کان پوء مزارجي ايم سيد جي سيراندي کان ورسي تقريب ڪئي وئي جنهن ۾ جسقم جي مرڪزي چيف آرگنائيز ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي تي سيد کي اسين خراج پيش ڪيون ٿا جنهن اسانکي سنڌي هجڻ جواحساس ڏياريو سائين جي ايم سيد جو فڪر ڪاميابي ماڻي چڪو آهي ۽ سيد جون لکڻيون ۽ ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ وڏو سچ جو ذخيرو موجود آهي اسان سيد جي ڏسيل واٽ تي هلندي سنڌ جوآجپو ماڻي سگهون ٿا پنجاب پنهنجا درياه وڪرو ڪري هاڻ سنڌو درياه تي ڌاڙو هڻڻ چاھي ٿو جيڪو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي اسان سيد جا اهي ڏينگا ٻار آهيون جن هميشه سيد جي ڏسيل واٽ تي هلندي سنڌ جي لاء جدوجهد ڪئي آهي وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي گڏجاڻي سنڌين جي ڇهن تڪراري ڪئنالن جي خلاف هلندڙ جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي لاء هڪ سازش آهي ۽ اسان سنڌي ان سازش جوحصو نه ٿينداسون اسان ڪئنال ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ جا منصوبا مڪمل طرح سان هميشه جي لاء دفن ٿيڻ تائين هڪ لمحو به خاموش نه ويهنداسون سنڌ جو ٻچو ٻچو هرمڪتب وفڪر جو ماڻهون پنهنجي درياه کي بچائڻ جي لاء ميدان عمل ۾ آهي اسان پ پ پ ۽ نواز ليگ جي ڪنهن به چڪر ۾ نه اينداسون جيڪڏهن اسانجي 6 تڪراري ڪئنالن جي خلاف هلندڙ جدوجهد ڪن سببن جي ڪري ختم ڪئي وئي ته جسقم ان جدوجهد کي اتان کان ھلائيڻ جواعلان ڪندي تقريب کي سرفراز ميمڻ پنهل ساريو فقيرامداد منگي اڪبرمقول نصرالله ڪالادي جساف اڳواڻ ذيشان مڱريو رشيد سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته سائين جي ايم سيد جي حياتي ۾ ٿيل سالگره جون وڏي اسڪرين تي وڊيو پڻ ڏيکاري وئي جنهن کان پوء قومي راڳي وقارملاح راڳ رنگ جي محفل ڪئي،
ڪئنال مخالف احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ ڍونگ ڪيو ويو آهي: قومپرست اڳواڻ سن : سن ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي جوش ۽جذبي سان ملهائي وئي. سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ والار خلاف سنڌ ۾ لڳل احتجاجي ڌرڻن سان يڪجهتي طور تي سيد جي ورسي جو جلسو ملتوي ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراهه نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پ پ ڳٺ جوڙ ڪري جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي اتان سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري وٺندا جنهن سازش کي سنڌ ڪڏهن به قبول نه ڪندي. هنن چيو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي جڳھ جڳھ تي سنڌي ماڻهو احتجاج ڪري پنجاپ ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ان احتجاج کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڍونگ رچايو ويو آهي. سنڌ جا غيرت مند پٽ تيستائين روڊ رستا نه کوليندا جيسيتائين سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي م سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي ۽ والار وارا فيصلا واپس نه ورتا ويندا. هنن چيو ته اڄ سيد جي فڪر سوڀ ماڻي ورتي آهي پنجاپ واضع طور تي سنڌ جو دشمن ثابت ٿيو آهي.. هنن چيو ته هي جدوجهد ايم آر ڊي، ڪالا باغ ڊيم ٻٽي مڪاني نظام کان به وڌي، منظم ۽ مظبوط جدوجهد ثابت ٿي آهي هن جدوجهد پنجاپ جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. هنن چيو ته جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي قيادت ٻٻرلو۽ ڌرڻي ۾ وڪيلن وٽ پھچندي
|
ڪئنال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن اچڻ تائين جدوجھد جاري رهندي: هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد(بيورو رپورٽ ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي تي تصوير رکي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ تڪراري ڪئنالن رٿا خلاف سخت نعريبازي ڪندي وفاقي حڪومت پاران نوٽيفڪيشن رد نه ڪرڻ تائين جدوجهد ڪرڻ جو اعلان، ڪيو ويو، ان موقعي تي گو نواز گو زرداري گو اڀ ڏيندڙ نعريبازي ڪئي وئي. ايڊووڪيٽ اندرجيت لوھانو، ايڊووڪيٽ محمد سچل اعواڻ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو، ايڊووڪيٽ سيد شھزاد شاھ، ايڊووڪيٽ غلام حسين، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ اياز اعواڻ، ايڊووڪيٽ غلام شبير مري ۽ ٻين وڪيلن سائين جي ايم سيد جي تصوير رکي گلن نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سائين جي ايم سيد جي ورسي کي خطاب ڪندي چيو ته سموري سنڌ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف هڪ آواز ٿي بيٺي آھي ته اسان سمجهون ٿا ته اها سائين جي ايم سيد جي نظرئي جي فتح آھي ڇاڪاڻ اڄ سنڌ جيڪا محڪوم ۽ پنجاب حاڪم آھي اهو جيڪو تَضاد واضح ۽ چٽو ٿي آيو آھي اهو فقط سائين جي ايم سيد ائين چيو سائين جي ايم سيد کان اڳ ۾ ڪنهن به اهڙي واضح ۽ چٽي ڳالھ نه ڪئي اسان سائين جي ايم سيد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا هن سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سائين جي ايم سيد کي پڙهو ۽ جدوجهد مان ڪنهن وقت به مايوس نه ٿيو. جدوجهدون جنم وَٺڻ کانپوء قربانيون تڪليفون گهرنديون آھن، سنڌ جو نوجوان هن وقت جدوجهد توڙي قرباني لاء تيار آھي سنڌ جي جهر جهنگ ڳوٺ ڳوٺ جي هر مظلوم جي جدوجهد ۾ جيڪو پهتو اهو اسان جو ڳاڙھو جهنڊو ئي آھي جنھن سنڌ جي شعور کي بيدار ڪيو ھن وقت جيڪي ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن جي رد ٿيڻ جي نوٽيفڪيشن تائين جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي
|
سنڌ سجاڳي فورم نئين سياسي تنظيم ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان
سن : سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 30 ورسي جي موقعي تي سارنگ جويو سھڻي جويو ۽ ٻين سائين جي ايم سيد جي مزار تي پھچي گلن جي چادر چاڙھي. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ سنڌ جي ھن پٿريلي سرزمين ۽ سنڌ جي سياسي قعبي تان اسان ھن پريس ڪانفرنس ذريعي اھو اعلان ڪرڻ چاھيون ٿا ته اسان گذريل 9 سالن کان رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي آزاد سنڌو ديش جي فڪر ھيٺ ”سنڌ سجاڳي فورم“ جي پليٽفارم تان جدوجھد ڪندا رھيا آھيون، اڄ پنھنجن سپريم ادارن سينٽرل ڪاميٽي ۽ سنڌ ڪائونسل جي روشنيءَ ۾ سمورن ڪارڪنن ۽ عھديدارن جي متفقهءِ راءِ سان فيصلي تحت ”سنڌ سجاڳي فورم“ کي فورم مان تبديل ڪندي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ھيٺ نئين سياسي تنظيم ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا. جنهن جو نالو ”سنڌين نيشنل ڪانگريس“ آھي تنظيم جو جھنڊو سنڌ جو قومي جھنڊو ڪھاڙي وارو ڳاڙھو جھنڊو ھوندو، ان موقعي تي هن نيئن باڊي جو اعلان ڪندي چيو ته ايڊووڪيٽ محب آزاد مرڪزي چيف آرگنائيز، سارنگ جويو مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر هوندو، ٻين عهديدارن ۾ مڪيش ڪمار مرڪزي آرگنائيز سھڻي جويو مرڪزي آرگنائيز اعزاز لغاري مرڪزي آرگنائيز هوندو، ان سان گڏوگڏ ھن پريس ڪانفرنس ذريعي سيد جي مزار جي اڱڻ تان اسان پنھنجي ضلعي شاگرد ونگ جو به اعلان ڪيون ٿا شاگرد تنظيم جو نالو ”سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ آهي، جنهن جي مرڪزي باڊي ۾ غني امان چانڊيو مرڪزي چيف آرگنائيزرعديل لغاري مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر فياض رند آرگنائيزر هوندو. هن چيو ته سنڌين نيشنل ڪانگريس ھيٺ بنيادي مسئلن تي جدوجھد جو اعلان ڪري ٿي سنڌو درياھ مٿان ٺھندڙ ڪئنالن خلاف ۽ 1945 پاڻي معاھدي جي روشني ۾ سنڌ کي 75 سيڪڙو پاڻي جو شيئر ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي فوجي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي والار خلاف جدوجھد ۽ سنڌ جي زمين بي زمين ھارين کي ڏيارڻ لاءِ جدوجھد سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي روڪڻ ۽ ڌاري آبادڪاري جي نيڪالي لاءِ جدوجھد سنڌ ۾ رياستي سرپرستي ھيٺ ٿيندڙ مذھبي انتھاپسندي خلاف جدوجھد جبري گمشدگين، انساني حقن جي لتاڙ ۽ سياسي قيدين مٿان ٿيندڙ غيرانساني تشدد ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف جدوجھد ماحولياتي تباھي خلاف جدوجھد سنڌ جي فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ ٻين نجي ادارن ۾ سنڌي ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ايندڙ ڪئي ويندي، لائحه عمل سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران 18 مئي تي حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ڪيو ويندو.
نواز خان زئور، اسلم خيرپوري، رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مزار تي حاضري
سن: سن جي مک چوڪ کان جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي ۾ شامل تنظيمن جي سوين ڪارڪنن جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراهه نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سيد جي مزار تائين ريلي ڪڍي. ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي سنڌ ۽ سيد سان وچن جو ورجاءُ ڪيو ويو.