ڄامشورو (رپورٽ:ميرمرتضي نوحاڻي) سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي سرواڻ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس کي سنڌ جي عوام سان دوکو قرار ڏيندي تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته ڪينالن واري معاملي تي حڪومت دوکو ڪيو آهي، اسان سندن دوکي ۾ نه ايندا سين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا سين، اسان رڳو ڪينالن واري منصوبي جو خاتمو نه پر قبضي ڪيل سنڌ جي زمينن جي واپسي جو به مطالبو ڪريون ٿا. سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سي سي آئي ۾ سنڌ جو هڪ ميمبر ڪاغذي ڪارروائي ۾ آهي، اسان ته ان ميمبر کي سنڌ لاءِ بهتر نه ٿا سمجهون، سنڌ جو عوام سي سي آئي جي آسري ناهي ويٺو. سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جي ماڻھن جي جدوجهد ريفرنڊم آهي، ڪينالن وارو مسئلو ڪنهن ڪاميٽي جو محتاج ناهي، سنڌي ماڻهن جي بقا مسئلو آهي، ڪير احتجاج ڪري يا نه ڪري اسان جدوجهد جاري رکندا سين. سيد زين شاھ پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ آهي، ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام عروج تي آهي، پنجاب ۾ سياست تي پابندي آهي، بلوچستان ۾ ڪيترائي ماڻهو يرغمال آهن، پ پ 2024ع جي اقتدار خاطر جيڪي شيون وڪرو ڪيون آهن، اُهي  هاڻي ظاهر ٿي رهيون آهن، صدر زرداري پاڻي جي اپرول سان گڏوگڏ فنڊ به ڏنا ۽ ڪم جي شروعات ڪئي وئي، پنجاب شروع کان وٺي اڌ ڪم ڪري پوءِ ٺيڪا ڏيندي آهي. سيد زين شاھ چيو ته هي حڪومت جعلي اليڪشن ذريعي آئي آهي، پيڪا ايڪٽ ٺاهي آزاد صحافت تي وار ڪيو ويو ته جيئن صحافي به آواز نه اُٿاري سگهن، هنن جوڊيشل مارشل لا هڻي ڇڏي آهي. زين شاهه چيو ته روڊ بلاڪ وڪيلن ڪيو آهي، اسان جو ساڻن سان گڏ سهڪار شروع کان آهي، سنڌو درياھ جي جدوجهد کي فورسز ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حالتون خراب ٿي وينديون. سيد زين شاھ چيو ته اسان کي 91ع واري معاهدي تحت پاڻي نه پيو ملي، حڪومت پاڻي واري معاملي کي سنجيدگي سان وٺي، راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم سان ملو پر مون کيس چيو ته درياھ بچايو ڪاميٽي ۾ موجود سمورين ڌرين سان مشورو ڪري آگاھ ڪنداسين.