اسلام آباد/ راولپنڊي(بيورو رپورٽ+ م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي ڪيترائي ڪلاڪ چڪتاڻ جاري رهڻ بعد اسلام آباد پوليس حوالي ڪيو ويو . تفصيل موجب اسلام آباد جي مقامي عدالت بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جو وڌيڪ ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، اسلام آباد جي عدالت رمانڊ بابت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، شهباز گِل جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد پوليس مقامي عدالت ۾ شهباز گل جو جسماني رمانڊ لاءِ نظرثاني اپيل داخل ڪئي هئي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل اسلام آباد پوليس سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو  آهي. پمز اسپتال جي ايمبولينس اڊيالا جيل طلب ڪئي وئي ۽ راولپنڊي پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي ٽيم به اڊيالا جيل پهچي وئي آهي. ذريعن موجب شهباز گل اسلام آباد پوليس سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو  جنهن بعد کيس طبي معائني لاءِ جيل اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي ڊاڪٽر سندس معائنو ڪيو ۽  شهباز گل کي اڊيالا جيل جي ميڊيڪل آفيسر راولپنڊي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر (ڊي ايچ ڪيو( اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ميڊيڪل آفيسر جيل انتظاميا موجب شهباز گل کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف آهي، شهباز گل کي ايمرجنسي صورت ۾ ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ اسپتال ۾ پوليس گارڊ به مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته پنجاب حڪومت شهباز گل کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اسلام آباد پوليس شهباز گل کي وٺي وڃڻ لاءِ اڊيالا جيل پهتي، پمز اسپتال جي ميڊيڪل ٽيم به جيل ٻاهران پهچي وئياسلام آباد ۽ پنجاب پوليس آمهون سامهون ٿي ويون. اڊيالا جيل ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي ۽ عدالتي حڪم گڏ کڻي ايندڙ اسلام آباد پوليس جو شهباز گل کي گڏ وٺي وڃڻ جو ارادو هو پر جيل انتظاميا شهباز گل کي حوالي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. اڊيالا جيل ٻاهران پنجاب پوليس جي نفري ۽ اسلام آباد پوليس وچ ۾ تڪرار ٿيو. جيل جي پنج نمبر گيٽ تي اسلام آباد پوليس بيٺل رهي ۽ پنجاب پوليس اڊيالا جيل اندر وڃڻ جو ارادو ڪيو پر اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس کي گيٽ تي روڪي ڇڏيو. هوڏانهن شهباز گل جي حوالگي واري معاملي تي وفاقي حڪومت رينجرز کي طلب ڪري ورتو. گھرو وزارت جو چوڻ آهي ته رينجرز کي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو ويو ۽ ايف سي جون گاڏيون به طلب ڪيون ويون. جنهن کانپوءِ اڊيالا جيل انتظاميا شهباز گل کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو  ۽ پنجاب پوليس جا اهلڪار اڊيالا جيل کان واپس هليا ويا. شهباز گِل کي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، پمز اسپتال ۾ شهباز گِل جي طبي چڪاس لاءِ 5 ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل ٽيم جوڙي وئي، ٽيم ۾ دل ۽ ڦڦڙن جا ڊاڪٽر به شامل ڪيا ويا آهن، پمز اسپتال جي ڊاڪٽر موجب شهباز گِل کي اڳ ئي ساهه جي تڪليف آهي،

اسلام آباد ؛ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي چيف آف اسٽاف شهباز گل جي جسماني رمانڊ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ عمران خان چيو ته شهباز گل کي ٻيهر پوليس رمانڊ تي ڏيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، تشدد سبب هن جي ذهني ۽ جسماني صحت جي حالت ڳڻتي جوڳي  آهي. هن چيو ته شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو جڏهن ته کيس اغوا ۽ اڻڄاتل هنڌ تي رکيو ويو، مٿس ٻيهر تشدد ٿاڻي ۾ ڪيو ويو، هي سازش جو حصو آهي، زبردستي غلط بيان وٺڻ لاءِ اهڙا قسم جا حربا استعمال ڪيا پيا آهن،  اها مونکي ۽ تحريڪ انصاف کي ٽارگيٽ بڻائڻ لاءِ مخالفن جي سازش آهي. اسان شهباز گل تي تشدد کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون قانوني ۽ سياسي ڪارروايون ڪنداسين.