شهباز شريف ! چولستان ڪئنال کي دفنائڻ جو اعلان ڪر: وفاقي سرڪار ڊاهڻ جي سگهه رکون ٿا: مرادشاهه

0
34
شهباز شريف ! چولستان ڪئنال کي دفنائڻ جو اعلان ڪر: وفاقي سرڪار ڊاهڻ جي سگهه رکون ٿا: مرادشاهه
شهباز شريف ! چولستان ڪئنال کي دفنائڻ جو اعلان ڪر: وفاقي سرڪار ڊاهڻ جي سگهه رکون ٿا: مرادشاهه

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد  شاهه وزيراعظم شهباز شريف کان تڪراري چولستان ڪئنال رٿا جي خاتمي جو اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته پ پ چولستان ڪئنال رٿا کي روڪڻ جي سگهه، صلاحيت ۽ اختيار رکي ٿي، ضرورت پئي ته رٿا روڪرائڻ لاءِ  طاقت استعمال ڪئي ويندي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته اسين سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ ھر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آھيون، جيڪڏھن اسان جي خدشن کي تسليم ڪيو ويو ته پوءِ انتهائي قدم کڻڻ جي ضرورت نه پوندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جي آواز کي ٻڌي پنجاب حڪومت چولستان ڪئنال جي تعمير لاءِ رکيل 45 ارب رپيا استعمال نه ڪيا آهن. هن ورجايو ته سنڌ حڪومت جي درخواست تي چولستان ڪئنال تي اڃا تائين ڪم شروع نه ٿيو آھي، امڪاني سيڙپڪاري سبب ھڪ ننڍو ماڊل تيار ڪيو ويو آھي. هن چيو ته اپوزيشن (جي ڊي اي ڏانهن اشارو) چاھي ٿي ته پ پ وفاقي حڪومت کي ھٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري پر اسان سندن  ايجنڊا تي عمل نه ڪنداسين. هن چيو ته  پاڪستان ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي، 1999ع کان 2024ع واري عرصي  ۾تربيلا ڊيم فقط17 ڏينھن ۽ منگلا ڊيم رڳو 4 ڏينھن لاءِ ڀرجي سگهيو آھي. هن سوال اٿاريو ته جڏھن اسين پنھنجن ڊيمن کي ڀرڻ کان لاچار آھيون، اهڙي صرت ۾ وفاقي حڪومت پاران تجويز ڪيل نوان واهه ڪيئن وھندا ؟ هن چيو ته چولستان ڪئنال رٿا جي ابتدائي لاڳت 218 ارب رپيا ھئي جيڪا وڌي 225 ارب رپين تي پهتي آھي، نظر ثاني بعد لاڳت ۾ وڌيڪ واڌارو ٿي سگھي ٿو. رٿا جي  اصل منصوبي هيٺ چنيوٽ ۾ ھڪ ننڍو ڊيم پڻ تعمير ٿيڻو هو، اهو 3 ارب ڊالر جو منصوبو ھو. پنجاب حڪومت 218 ارب رپين جي پي سي ون ۾ ذڪر ڪيو ھو ته اھي پھرين سال ۾ رٿا تي 45 ارب رپيا خرچ ڪندا،اسان جي احتجاج  بعد رٿا تي ھڪ پيسو به استعمال نه ٿيو آھي. هن چيو ته چولستان ڪئنال نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ لاءِ خطرو آھي سنڌ سان  گڏ بلوچستان ۽ ڪي پي پڻ انهي جي مخالفت ڪئي آھي، هن چيو ته ڪجهه ماڻھن جو خيال آھي ته چولستان ڪئنال تعمير ٿي چڪو آھي، انهي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آھي جڏھن ته ڪن جو خيال آھي ته منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿي رھيو آھي، حقيقت ۾ هن وقت ڪو به ڪم نه پيو ٿئي،  ميڊيا کي گهرجي ته عوام کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ ۾ مدد ڪن  وڏي وزير چولستان ڪئنال رٿا جو تاريخي پس منظر ڏيندي چيو ته چولستان جي آبادي جو خيال 1919ع جو آھي، جنهن کي انگريزن رد ڪري ڇڏيو ھو. نگران دور ۾ پنجاب حڪومت ارسا چولستان ڪئنال لاءِ اين او سي ورتي، هن ڄاڻايو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ گهٽجي چڪو آهي، جنهن ۾ مسلسل گهٽتائي جاري آهي، هن  چيو ته سنڌ اسيمبلي چولستان  ڪئنال خلاف قرارداد پاس ڪئي آهي، ايوان ۾ پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن جماعتون هڪ پيج تي آهن.  هن چيو ته چولستان ڪئنال مامري کي حل ڪرڻ لاءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ (سي سي آءِ) جو اجلاس جلد سڏرايو وڃي. ھن چيو ته جيڪي منصوبا سنڌ ۽ ملڪ لاءِ فائديمند هوندا، تن جي حمايت ڪبي  پر نئين ڪينال جي تعمير ڪنهن به قيمت تي نه ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم کي اسان جي ڳالهه مڃڻي پوندي، ڪئنال رڳو سنڌ نه، پر صوبن ۾ هم آهنگي جو معاملو آهي،  اسان جي ڪوتاهي آهي جو ڪئنال معاملي تي ماڻهن کي اعتماد نه ڏياري سگهياسين، هوڏانهن هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ  چيو ته ڀلي احسن اقبال  يا ڪو ٻيو  اچي، اسان چولستان ڪئنال تي راضي نه ٿينداسين. وزيراعظم شهباز شريف هوشيار آهي، هو ڪئنال خاتمي جو اعلان ڪري، هن چيو ته اسان ڪئنال مامري تي وفاق ۽ سي سي آءِ ۾ ڳالهايون پيا. ضرورت پئي ته گرين انيشيٽو وارن سان ڳالهائينداسين.