شهباز شريف صدر آصف زرداري جي سهاري تي سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيو آهي: قادر مگسي

0
32
شهباز شريف صدر آصف زرداري جي سهاري تي سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيو آهي: قادر مگسي
شهباز شريف صدر آصف زرداري جي سهاري تي سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيو آهي: قادر مگسي

مٽياري/ھالا(نمائندن وٽان)  وفاق پاران سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ھالا درگاھ سرور نوح روڊ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جتي ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌو مان 6 ڪينال ڪڍڻ وارو معاملو سنڌ کي سڪائڻ جي اھم سازش آھي، ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيندي پر حڪومت اھڙي ڄاڻ کان اڻ ڄاڻائي ظاھر ڪري پئي، ھن چيو  ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا وزير ايوانن ۾ ويٺا آھن، پر پيسن عيوض خاموش آھن، ھنن کي ايوان ۾ ٺھراءُ پيش ڪري بقايا ساخ بچائڻ گھرجي،ھن چيو  ته پاڻي انسان جو اھم جياپو آھي، وفاقي حڪومت سنڌ جي 8 ڪروڙ عوام جي حق تي ڌاڙو ھڻڻ چاھي ٿي، سڄي سنڌ ڏسي پئي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي صحيح ڪرڻ وارو ڪو ٻيو نه پر پاڪستان جو صدر آصف زرداري آھي ۽ وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف آصف زرداري جي آسري تي سنڌو مان ڪئنال ٺاھي پيو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان جي جيڪا مھم ھلي پئي ان جو نالو آ سنڌ اسان جي ماءَ ۽ سنڌو اسان جو ساھ آ، گذريل چئن مھينن کان وٺي ايس ٽي پي جو ھڪ ئي سوال آهي سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ، سرواڻ مگسي، گلزار احمد سومرو، ھوت خان گاڏھي، نثار احمد ڪيريو، ڄام شوڪت ابڙو سميت ايس ٽي پي، جي يو آءِ ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.