لاهور (م د) پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز الاهي خاموشي سان گهران نڪري ويو. خانگي ٽي وي چينل موجب پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو صدر پرويز الاهي رات جو گهران نڪري ويو، جنهن کان پوءِ ساڻس ڪو رابطو ناهي. هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف پاران چوڌري شجاعت احسين سان ملاقات ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب جڏهن وزيراعظم شهباز شريف چوڌري شجاعت جي گھر ويو ته پرويز الاهي گهران نڪري ويو. ان کان پوءِ ساڻس ڪو رابطو ئي ناهي. هڪ ڏينهن گم رهڻ کان پوءِ چوڌري پرويز الاهي ميڊيا تي ظاهر ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته عمران خان سان گڏ بيٺا آهيون، ساٿ نه ڇڏينداسين، هن چيو ته چوڌري وجاهت حسين جي پارٽي ڇڏڻ تي ڪو ڏک ناهي، هن جيڪو فيصلو ڪيو ان جي مرضي آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان اسان جا لاڳاپا سٺا آهن، فوج اسان جي پنهنجي آهي. ان جي خلاف ناهيون.