شهباز – سعودي ولي عهد ملاقات: دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ جو اعلان، امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

0
26
شهباز – سعودي ولي عهد ملاقات: دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ جو اعلان، امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
شهباز – سعودي ولي عهد ملاقات: دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ جو اعلان، امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

رياض/جده(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي جدي ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات، سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار وڌيڪ سگهارو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، شهباز شريف چيو ته ٻطرفا لاڳاپا اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، پاڪستان سان لاڳيتو سهڪار تي سعودي ولي عهد جا ٿورائتا آهيون، ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به شريڪ هئي، وزيراعظم پاران سعودي سيڙپڪارين کي ايس آءِ ايف سي هيٺ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل وزن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.