اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو آهي ته جيڪي ملڪ جي تباهي لاءِ دعائون گهرندا هئا، اڄ اهي پاڻ ڏڦيڙ جو شڪار ۽ ورهائجي ويا آهن، پارٽي 8 ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي رهيا آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ پاڪستان پرڏيهي پاليسي ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو هو، اسان رياست لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪئي، عطاءَ تارڙ چيو ته نون ليگ جي حڪومت کي سڀاڻي (اڄ) هڪ سال مڪمل ٿيندو، ساڍن 9 سالن بعد مهانگائي جي شرح گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي، مهانگائي گهٽ ٿيڻ جا فائده جلد عوام کي ملڻ شروع ٿي ويندا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پنڪي، گوگي ۽ ڪپتان پنهنجا کيسي ڀريا، اهڙن ماڻهن جو ملڪ جي ترقي ۾ ڪو به ڪردار ناهي، اهي ماڻهو تاريخ جي ڪچري ۾ ملن ٿا، هنن ڪو به ترقياتي منصوبو نه ڏنو، القادر يونيورسٽي ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ اڄ ڦرلٽ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي، ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جو بخار آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪنزيومر پرائس انڊيڪس جي حوالي سان مهانگائي ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جو هڪ سال پورو ٿيڻ تي اها تمام سٺي خبر آهي، فيبروري 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح 1.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا سيپٽمبر 2015ع کان پوءِ مهانگائي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي، جولاءِ 2024ع کان فيبروري 2025ع تائين مهانگائي اوسط 5.9 سيڪڙو رهي جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ 28 سيڪڙو هئي، هي هڪ واضع گهٽتائي آهي. وزير اعظم چيو ته معيشت کي بهتر بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ملڪي معاشي بهتري جو فائدو عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، اميد آهي ته مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، عوام کي ضروري شيون سستي اگهه تي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.