اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف جي دور حڪومت ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا. نگران حڪومت جي دور کي گڏائي گذريل اڍائي سالن دوران مستقل سرچارجز سميت بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ اضافو 25 رپيا 76 پئسا ٿئي ٿو. شهباز شريف جي بطور وزير اعظم بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. شهباز شريف جي دور حڪومت ۾ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ ڊي يونٽ 22 رپيا 53 پئسن تائين تاريخي اضافو هيو. جڏهن ته بجلي جي صارفين تي في يونٽ 3 رپيا 23 پئسن جو مستقل سرچارج الڳ لاڳو ڪيو ويو. ائين مستقل سرچارج ملائي گذريل اڍائي سالن ۾ (جنهن ۾ نگران دور به شامل آهي) بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 25 رپيا 76 پئسا اضافو ٿيو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ بجلي ٽيرف ۾ ايترو اضافو ڪنهن به وزير اعظم جي هوندي ناهي ٿيو. بجلي صارفين تي اڍائي سالن ۾ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ اضافي بار وڌو ويو، جولاءِ کان آڪٽوبر 2022ع ۾ بجلي جي في يونٽ بنيادي ٽيرف ۾ 7.91 رپين تائين اضافو ڪيو ويو هو. جولاءِ 2023ع ۾ بجلي جي في يونٽ بنيادي ٽيرف ۾ 7.50 رپين تائين اضافو ڪيو ويو. جولاءِ 2023ع ۾ في يونٽ 3.23 رپين جو مستقل سرچارج به لاڳو ڪيو ويو هو. جولاءِ 2024ع ۾ بنيادي ٽيرف جي مد ۾ في يونٽ 7.12 رپين تائين مهانگو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪابينا جي منظوري سان بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافو ۽ سرچارج لاڳو ڪيو ويو. صارفين ٽه ماهي ۽ ماهوار ايڊجسٽمينٽ مد ۾ اضافي جو بار الڳ برداشت ڪيو.