ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ اڄ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر سامهون وزيراعظم شهباز شريف خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪارڪنن کي شرڪت جي اپيل به ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين، ميڊيا سينسرشپ، پاڪستان تي ٿاڦيل فاشسٽ حڪومت خلاف سمورا اوور سيز پاڪستاني آمريڪا ۾ شهباز شريف خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهري ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.