لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي عمران خلاف هرجاڻي جي دعويٰ تي وڊيو لنڪ تي پيشي ٿي ان دوران بجلي بند ٿي وئي، وڪيل، شهباز شريف کان سوال ڪيو ته ڇا اهو درست آهي ته باني پي ٽي آءِعمران خان توهان تي 10 ملين جو الزام آمهون سامهون ناهي لڳايو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته باني پي ٽي آءِ ٽي وي بار بار بيهوده الزام هڻندو رهيو. شهباز شريف جرح کان اڳ حلف کنيو ۽ چيو ته جيڪو ڪجهه چوندس اهو سچ هوندو، غلط بياني نه ڪندس، اهو صحيح آهي ته دوران جرح ان وقت منهنجو وڪيل مون سان گڏ ويٺل آهي