بيجنگ(م ڊ) شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ڀارت کي ڦِڪائيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، ڀارت اجلاس جي گڏيل پڌرائي تي صَحِي کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته گڏيل پڌرائي ۾ پهلگام واقعي جو ذڪر نه ڪيو ويو، بلوچستان اندر بدامني ۾ ڀارت جي سڌي ريت ملوث هجڻ جا الزام هنيا ويا، بيجنگ ۾ ٿيل بچاءِ وزيرن جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي جي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته سموريون رياستون دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪن، دهشتگردي گڏيل خطرو آهي جنهن کي اجتماعي طور منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، خواجه آصف غزه ۾ فوري مستقل جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۽ غزه مسئلن جو پُرامن حل يقيني بڻائي، اهڙا حل طلب تڪرار عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ لاڳيتو خطرو بڻيل آهن، خطي جي پائيدار خوشحالي جو گڏيل تصور حاصل ڪرڻ لاءِ پُرامن ۽ مستحڪم افغانستان ضروري آهي