شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون

0
208
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون

 سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم جي ڀاڱن ۾ ٻن اهم ترين شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ کان سواءِ سنڌي ادب جو هر خانو خالي ۽ ٻُسو نظر ايندو ۽ اُهي ٻئي شخصيتون آهن: سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سنڌي نثر جو تاجدار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرزا صاحب جو لطيفيات ۾ ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. سندن تصنيف ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن؛

                 1)“شاهه جو رسالو” (ترتيب)، نومبر 1913ع، 2)“لغاتِ لطيفي” مٿئين رسالي جي مشڪل لفظن جي لُغت، 1913ع. 3) “شاهه جي رسالي جي ڪُنجي”، رسالي جي معنيٰ بابت سمجهاڻيون. 4) “Life of Shah Abdul Latif”، شاهه صاحب جي سوانح جو احوال ۽ تصوف جي حوالي سان چونڊ بيتن جو اڀياس، 1887ع. 5) “احوال شاهه عبداللطيف”، ساڳئي مٿئين ڪتاب جو سنڌي ترجمو، 1897ع. 6) “لطيفي لات”، رسالي جا اُهي بيت، جيڪي مثالن، پهاڪن ۽ ضرب المثل طور ڪم اچن ٿا، سي چونڊي ترتيب ڏنل آهن، 1912ع. 7) “سُر سريراڳ”، “ديسي”، “آبري” ۽ “سُر سُهڻي” جو متن ۽ معنيٰ، 1915ع ۽ 1916ع.

شاهه جو رسالو:

مرزا صاحب شاهه جو رسالو 1913ع ۾ ترتيب ڏنو، جنهن جو پهريون ڇاپو شڪارپور جي پوڪرداس، هنسراج پرنٽنگ پريس سکر مان شايع ڪرايو، مِرزا صاحب جي جوڙيل هن رسالي کان اڳ ڊاڪٽر ٽرمپ، قاضي ابراهيم ۽ سنڌ سرڪار جا ڇپايل رسالا موجود هُئا، پر ته به هن رسالي جي انفراديت الڳ آهي. چند اهم خاصيتون هن ريت آهن:

1) هي ضخيم رسالو 922 صفحن، 4163 بيتن، 240 واين ۽ 37 سُرن تي مشتمل آهي. 2) 846 بيت ۽ 15 وايون ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏنل آهن. 3) سرڪاري ڇاپي جي ترتيب مطابق هوندي به اضافن سبب مختلف آهي. 4) ڊاڪٽر ٽرمپ وارين پڙهڻين کي غلط قرار ڏيندي به مرزا صاحب انهن کي رد نه ڪيو آهي، بلڪه مقابلي ۾ ڇڏي ڏنو آهي. 5) مرزا صاحب بمبئي ڇاپي واريون پڙهڻيون برقرار رکندي ڪيترن بيتن جون اختلافي پرهڻيون پڻ ڏنيون آهن. 6) هيءُ رسالو هلندڙ صورتخطي ۾ آهي. 7) ڪيترن لفظن جون مروج جدا جدا معنائون ڏنل آهن ته جيئن پڙهندڙ پنهنجي سمجهه مطابق اُهي لاڳو ڪري ڏسن. 8) رسالي ۾ ڏنل ڌارئي ڪلام جي وضاحت مرزا صاحب ديباچي ۾ ڪئي آهي. 9) جي ايم سيد صاحب جي “شاهه جون وايون ۽ ڪافيون” رسالي ۾ وايون واين جو جهجهو مقدار موجود آهي. 10) هن رسالي جي اهم ترين خوبي اها آهي ته هن ۾ قلمي نسخن ۽ ڇاپي رسالن جو مڪمل مواد موجود آهي.

لغات لطيفي:

لغات لطيفي مرزا صاحب جي هڪ اهم قلمي ڪاوش آهي. 382 صفحن جي هن لطيفي لغت کان اڳ هن مَدَ ۾ ڪابه مڪمل لغت لکيل ڪانه هُئي.

مرزا صاحب رسالي ۾ مشڪل لفظن جون معنائون ڏنيون آهن، پر ته به شاهه جي شاعريءَ جي شائقين جي سهولت لاءِ لغت جو هڪ مڪمل الڳ ڪتاب تيار ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون. حقيقت ۾ کانئن پوءِ ئي هن ڪم تي توجهه ڏني ويئي. محمد بخش واصف، مولوي دُر محمد خاڪ، رسول بخش ڏيرو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن لغت جي جلد “روشني” جي حوالي سان اهم ڪم ڪيو آهي. “Life of Shah Abdul Latif Bhitai” جي عنوان سان سوانح ۽ چونڊ بيتن جي سمجهاڻيءَ سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب مرزا صاحب 1887ع جي سيپٽمبر ۾ لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب جي ڏهن بابن ۾ شروع جا باب سوانح ۽ ڪردارنگاريءَ تي مشتمل آهن ته ستون ۽ اٺون باب تصوف جي موضوع جي وضاحت سان لاڳاپيل آهن ۽ نائين ۽ ڏهين باب ۾ چونڊ بيتن جي سمجهاڻي ڏنل آهي، جنهن ۾ حوالي طور قرآن پاڪ جون آيتون، حديثون، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا قول ۽ شعر ڏيئي مرزا صاحب تصوف جي حوالي سان شاهه صاحب جي شاعري سمجهائي آهي.

هن ڪتاب جي لکجڻ سان لطيفيات جي مَدَ ۾ مڪمل ڪتاب لکڻ جو رواج عمل ۾ آيو ۽ شاهه جي سوانحي احوال ۽ شاعريءَ جي تشريح طرف پڻ ڌيان وڌيو. انگريزي عالمن جي دلچسپي شاهه جي رسالي ۾ وڌيڪ وڌي ۽ ڊاڪٽر سارلي پڻ پنهنجي تحقيق ۾ مرزا صاحب جي ڪتاب کي فوقيت ڏني. انهيءَ ڪتاب کان اڳ انگريزي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ مختصر احوال موجود هُئا، جيڪي مير علي شير قانع ٺٽوي، نظر علي بلوچ، سر رچرڊ برٽن، ڊبليو سائودي ۽ ڏيارام گدومل جا لکيل هُئا. مير عبدالحسين خان سانگيءَ وٽ ڪجهه محقق احوال فارسيءَ ۾ جمع ٿيل هو، جنهن مان مرزا صاحب پڻ ڪجهه مدد ورتي هئي ۽ اهو فارسيءَ ۾ لکيل احوال چڱو وقت قلمي نسخي جي صورت ۾ پيل رهيو، جنهن کي سانگي صاحب مرزا صاحب جي ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ 1888ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ “لطائفِ لطيفي” جو عنوان ڏنو.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب نواڻ جو قائل ۽ فطرتاً جدت پسند هو. علم ادب ڏانهن سندس رويو ۽ پهچ جديد سائنٽيفڪ نموني جي ۽ منفرد هئي، جنهن سبب هن هر نئين ڪم لاءِ محنت کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. سو لطيفيات ۾ به سندن هر ڪتاب مختلف حوالي سان نئين حيثيت رکي ٿو. آئون پنهنجي مؤقف جي چٽائي سندن ئي لفظن ۾ ڪنديس ته، “شاهه صاحب جو مفصل احوال لکي اڃان ڪنهن ڪين پڌرو ڪيو آهي، تنهنڪري پنهنجي خاص وندر لاءِ ۽ عام فائدي ۽ خوشيءَ لاءِ اها محنت پاڻ تي هموار ڪري سندس احوال لکڻ ۾ هٿ وڌو اٿم. انهيءَ مطلب پوري ڪرڻ لاءِ مون کي لاچار ٿيو ته شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سندس هلت چلت ۽ طبيعت ۽ هوشياريءَ بابت جدا جدا جاين تان خبرون گڏ ڪريان. اهي خبرون سندس مُريدن، فقيرن ۽ واسطيدار ماڻهن کان هٿ لڳي سگهيون. آئون جناب مير عبدالحسين خان ٽالپر ساڪن حيدرآباد جو گهڻو ممنون ۽ شڪرگذار آهيان جو انهن کان هن ڪتاب جي مضمون گڏ ڪرڻ ۾ مون کي مدد ملي”. (ص- 3 ۽ 4)

ڊاڪٽر شاهنواز جي مٿئين بيان سان متفق نه هوندي سامهون رکي مڪمل تجزيو ڪجي ته نتيجو مختلف نڪرندو. مرزا صاحب جو ڪتاب بلڪل الڳ حيثيت جو آهي. مير سانگيءَ ته فقط سوانح ۽ حڪايتون درج ڪيون آهن. جڏهن ته قليچ پهريون شخص هو، جنهن 95 صفحن تي تفصيلي احوال سان گڏ 105 صفحن تي شاعريءَ جي باري ۾ سُرن جا مضمون ۽ تصوف جا نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ ڪلاسيڪل داستانن کي وڏي ذوق ۽ شوق سان پيش ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ ئي شاهه جي سورمن ۽ سورمين تي لکڻ جي ريت پيئي. چند غير حقيقي واقعا ۽ ڪرامتون بيشڪ بيان ڪيل آهن، پر ته به هن ڪتاب جي افاديت اڳري آهي. حاصل مطلب ته مرزا صاحب گهڻو ۽  معياري لکندڙ ليکڪ هو. سندن ڪتاب آسان ۽ عام فهم نثر، منفرد ۽ مخلتف احوالن سبب پڙهندڙن ۾ مقبول ٿيا،