رباط (انٽريسٽنگ نيوز) نيدرلينڊز جي شاگردن شمسي توانائي سان هلندڙ دنيا جي پهرين آف روڊ سولر ايس يو وي بڻائي ورتي آهي، آف روڊ گاڏيون اهي گاڏيون هونديون آهن، جيڪي روڊ کانسواءِ ناهموار رستن تي هلايون وينديون آهن، نيدرلينڊز جي ايڊهووين يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي سان تعلق رکندڙ شاگردن پنهنجي گاڏي “اسٽيلا ٽيرا” جي 1000 ڪلوميٽر تائين هلائي آزمائش ڪئي، آزمائشي ڊرائيو ۾ هنن سفر جي شروعات مراڪش کان ڪئي ۽ هڪ چارج ۾ بنا روڪي 1000 ڪلوميٽر تائين هلائي، اها روڊ ليگل گاڏي (جيڪي عام گاڏين وانگر روڊ تي هلنديون هجن) 145 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهي ٿي، ان جو وزن 1.2 ٽن آهي، ڏهن ته هڪ روشن ڏينهن ۾ اها 708 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سگهي ٿي، آزمائش دوران گاڏي پنهنجي اندر لڳل شمسي پينلز تي ڀاڙيندي مراڪش جي اتر ۾ واقع ساحلي علائقي ۾ سفر شروع ڪيو ۽ ان دوران ڏنگن ميدانن، جهنگن ۽ بيابيانن جي ريتيلي علائقن مان گذري. منصوبي جي ٽيم مينيجر ويزي بوس جو چوڻ هيو ته گاڏي جي ڪارڪردگي جي پٺيان موجود ٽيڪنالاجي مارڪيٽ ۾ موجود ٽيڪنالاجي کان هڪ ڏهاڪو اڳتي جي آهي.