شماريات کاتي جا انگ اکر ۽ واپاري خسارو

0
41
12 مئي: ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن!

وفاقي شماريات کاتي انگ اکر جاري ڪيا آهن ته اپريل ۾ واپاري خسارو ماهوار بُنياد تي 55 سيڪڙو وڌي 3 ارب 38 ڪروڙ 80 لک ڊالرز ٿي ويو. ايڪسپورٽ 19 سيڪڙو گهٽتائي سان 2 ارب 14 ڪروڙ 10 لک ڊالر رَهِي. جولاءِ کان اپريل تائين ايڪسپورٽ 6 سيڪڙو وڌي 26 ارب 85 ڪروڙ 90 ڊالرز تي پهچي وئي، جڏهن ته شماريات بيورو هفتيوار شين جي اگهن ۾ واڌ بابت رپورٽ ۾ چيو آھي گذريل هفتي دوران عام واهپي جي 51 شين مان 12 شين جي قيمتن ۾ واڌ، 11 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 28 شين جون قيمتون برقرار رهيون.

پاڪستان هن وقت جن خطرناڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، تن مان سڀ کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ ۽ پيچيده مسئلو مهانگائي ۽ بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ لڳاتار ۽ بي قابو واڌ آهي. مهانگائي نه رڳو ملڪ جي معيشت کي لوڏي ڇڏيو آهي، پر ان جو سڌو اثر سماجي ڍانچي، ۽ عوام جي روزاني زندگيءَ تي پڻ پيو آهي. هڪ طرف عام شهري پنهنجي روزمره خرچن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ الجهيل آهي، ته ٻي طرف حڪومت ۽ ادارا هن بحراني صورتحال کي رڳو انگن اکرن تائين محدود ڪري، عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ ۾ مصروف آهن. مهانگائي ڪنهن به ملڪ ۾ عارضي ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان ۾ اها هڪ مستقل بحران جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. عام واهپي جهڙين بنيادي شين جون قيمتون ڪجهه مهينن بعد وڌي وڃن ٿيون، ۽ انهن وڌندڙ قيمتن جو سڌو اثر هر شهريءَ تي پوي ٿو. خاص ڪري مزدور، ڏهاڙي دار ۽ محدود آمدني وارا ماڻهو سخت متاثر ٿين ٿا. پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ ۽ خرچن جي گهڻي اضافي جي ڪري زندگي هڪ دائمي معاشي جدوجهد بڻجي چڪي آهي.

مهانگائي جو اثر رڳو مالي سطح تائين محدود نه ٿو رهي، پر اها سماج جي اخلاقي ۽ سماجي جوڙجڪ تي به اثرانداز ٿئي ٿي. جڏهن ماڻهو پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون نه ڪري سگهي، ته هو سماجي اصولن ۽ اخلاقي قدرن کي پوئتي ڇڏي ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. ان جو نتيجو ڏوهن، ڪرپشن ۽ ٻين سماجي برائين جي واڌاري جي صورت ۾ نڪري ٿو. ان سان گڏ خانداني جهيڙا، طلاقن جي شرح ۾ اضافو، ٻارن جي تعليم جو ڇڏڻ ۽ ذهني بيماريون جهڙوڪ ڊپريشن ۽ بيچيني وڌن ٿا. مهانگائي جو هڪ ٻيو خوفناڪ پهلو اهو آهي ته ماڻهو تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي انساني حقن کان به هٿ کڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ساڳي طرح صحت جي شعبي ۾ به مهانگائي عام ماڻهوءَ کي بهتر علاج مان محروم ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري اسپتالن جي حالت سڀني جي سامهون آهي، ۽ نجي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ غريبن لاءِ ناممڪن ٿي ويو آهي.

رياست جو بنيادي فرض آهي ته اها عوام کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون فراهم ڪري ۽ انهن جي معاشي ۽ سماجي تحفظ کي يقيني بڻائي. پاڪستان جي معيشت هن وقت جن پيچيده ۽ خطرناڪ بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، تن مان هڪ اهم ۽ طويل مدي وارو چئلينج “واپاري خسارو” آهي. جڏهن ڪنهن ملڪ جي درآمد ان جي برآمد کان لڳاتار وڌيڪ ٿئي، ته انهيءَ صورتحال کي واپاري خسارو سڏيو ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هن معاشي اڻ برابري جو شڪار آهي، ۽ هر گذرندڙ سال سان گڏوگڏ هي بحران وڌندو پيو وڃي، جيڪو نه فقط ملڪ جي مٽاسٽا ناڻي جي ذخيري کي نقصان رسائي رهيو آهي، پر معيشت جي خودمختياري ۽ استحڪام کي به سخت خطري ۾ وجهي رهيو آهي. واپاري خسارو ظاهري طور هڪ اقتصادي اصطلاح آهي، پر ان جا اثر تمام گهرا ۽ وسيع آهن. جيڪڏهن هن بحران کي وقت سر ۽ سنجيدگي سان نه روڪيو ويو، ته اهو پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو، ۽ ملڪ کي لڳاتار قرضن، مهانگائي ۽ غير يقيني صورتحال ۾ ڌڪي ڇڏيندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت، نجي شعبي ۽ پاليسي ساز گڏجي هڪ اهڙي جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، جيڪا برآمدات وڌائي، درآمدات تي ڪنٽرول آڻي، ۽ ملڪ کي هڪ مضبوط، خودڪفيل ۽ ترقي يافته معيشت جي رستي تي آڻي.