راڌڻ(رپورٽ: اظھر علي جوڻيجو) راڌڻ اسٽيشن دادو ضلعي جو منشيات جو ڪاروبار پھريون نمبر تي ھلي رھيو آھي .راڌڻ جي ھر گھٽي ھر محلي ۾ ھي موت جو کيل آئيس نشو سري عام وڪرو ٿي رھي آھي. ان ڏس ۾ ھڪ نوجوان ٻڌايو ته دوستن کيس ھن نشي تي ھيرايو. هن چيو ته مون کي خبر به نه ھوندي ھئي بس ھاڻي مجبور ٿي پيو آھيان جيسيتائين ھي نشو نٿو ڪيان مونکي سڪون نٿو ملي. مجبور آھيان ڪوشش ڪئي ٿم ڇڏي نه سگھيس بس جنھن ھن نشي تي لاٿو الله سائين انھن کي پڄندو .

ڪيترائي گھر اجڙي چڪا آهن، اڃا گھڻا تباهه ٿيڻ وارا آهن، منشيات کي ٻنجو ڏيڻو پوندو: شهري

راڌڻ: راڌڻ جي شهرين چيو آهي ته راڌڻ واسين ۽ شھر جي واڳ ڌڻين کي اک پٽڻي پوندي، شھر سڀني جو آھي ھن جي خلاف ايڪشن وٺو سڀاڻي توھان جا اولاد نه ھن نشي جا عادي ٿي پون. هن چيو ته  الائي ڪيتري امڙين جا لال اجڙي ختم ٿي ويا الائي ڪيترا گھر اڃا تباھ ٿيڻ وارا آھن ٽائون چيئرمين غلام دستگير ڳورڙ. آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته راڌڻ شھر ۾ ھلندڙ منشيات جو ڪاروبار بند ڪرائي ۽ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

موالين چوريون شروع ڪري ڏنيون، بجلي گيس جا ميٽر به چوري، ماڻهن ميٽرن کي لوهي راڊون لڳائي ڇڏيون

راڌڻ: راڌڻ ۾ منشيات جي سرِ عام وڪري سبب ٻيون سماجي برايون پڻ وڌي ويون آهن. ان سلسلي ۾ چورين جو آزار وڌي وڃڻ ڪري نشي جا عادي ماڻهو ماڻهن جا گيس۽ بجليءَ جا ميٽر به پٽي وڃن ٿا. چورين کان تنگ ٿي ماڻهن پنهنجي ميٽرن کي لوهي راڊن سان سُڪ ڪري محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شهرين چيو آهي ته ڏوهن جي خاتمي لاءِ سڀ کان پهرين منشيات جو خاتمو ضروري آهي.