شلپا شيٽي فحاشي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري

0
92

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي کي 15 سالن کانپوءِ ممبئي جي عدالت فحاشي ڦهلائڻ بابت ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو. سال 2007ع ۾ شلپا خلاف فحاشي جو ڪيس ان وقت داخل ڪيو ويو جڏهن راجسٿان ۾ هڪ تقريب دوران هالي ووڊ اداڪار رچرڊ گيئر سرعام شلپا شيٽي کي گلي لڳائي مٺي ڏني

اهڙي وڊيو اڳيان اچڻ کانپوءِ ڀارت ۾ ڪافي هنگامو ٿيو جنهن بعد راجسٿان جي هڪ ڀارتي عدالت ٻنهي خلاف وارنٽ جاري ڪيا هئا. پيش ڪيل تمام دستاويز غور سان ڏسڻ بعد عدالت شلپا شيٽي کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

فحش فلمن وارو ڪيس مونکي بدنام ڪرڻ لاءِ هو:راج ڪندرا