ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ چيف انجنيئر کي ارسا ۾ وفاقي ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي سفارش پاڻي وسيلن واري وزارت کي اماڻي ڇڏي . ان حوالي سان سنڌ آبپاشي کاتي پاڻي وسيلن واري وزارت کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته آبپاشي جي رٽائرڊ چيف انجنئير ۽ سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ شفقت حسين وڌو کي ارسا ۾ ٽن سالن لاءِ وفاقي ميمبر مقرر ڪيو وڃي. واضح رهي ته شفقت حسين وڌو جي مقرري بعد ارسا ۾ سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ ميمبرن جو تعداد وڌي 2 ٿي ويندو.