ڪراچي: ذريعن موجب ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ ۾ باظابطا طلاق ٿي چڪي آهي ۽ قانوني حيثيت سان شعيب ملڪ پٽ سان دبئي۾ ملندو رهندو آهي، شعيب ۽ ثانيا جا لاڳاپا خراب ٿيڻ تي شعيب ملڪ جي فيملي دبئي به وئي هئي. شعيب ملڪ جي فيملي 2022ع جي آخر ۾ ٻه هفتا دبئي ۾ رهي ۽ جوڙي جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، شعيب ملڪ جي فيملي ثانيا مرزا سان طلاق جي حق ۾ نه هئي، طلاق ٿيڻ تي شعيب ملڪ جي فيملي کي ڏاڍو ڏُک ٿيو.