راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) جيڪڏهن مان اعظم جي جاءِ تي هجان ها ته 100 ڏينهن ۾ 40 ڪلوگرام وزن گهٽائيان ها ۽ هڪ فلم ٺاهيان ها. راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو اسلام آباد يونائيٽيڊ جي وڪيٽ ڪيپر اعظم خان جي جاءِ تي هجي ها ته 100 ڏينهن ۾ 40 ڪلوگرام وزن گهٽائي ها ۽ هڪ دستاويزي فلم ٺاهي ها. هڪ مقامي پليٽ فارم تي ڳالهائيندي شعيب اختر اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان جي تعريف ڪندي چيو ته مان کيس هڪ بالر جي حيثيت سان ڏسان ٿو، منهنجو بيٽنگ سان ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته هو هڪ ذهين رانديگر آهي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو هڪ اهم حصو آهي. هو ٽيم کي متحد رکي ٿو ۽ مسئلا پيدا ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جنهن جي ڪري ڊريسنگ روم جو ماحول خوشگوار رهي ٿو. شعيب اختر چيو ته اعظم خان هڪ سٺو ڪرڪيٽر آهي، کيس غير ضروري تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، پر سندس هڪ مسئلو آهي، جيڪو سندس وزن آهي، کيس ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.